ڪوٽڙي ۾ ايس يو پي ڪارڪن عالم ٻگهيو کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف ڌرڻو

ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو) ڪوٽڙي ايس يو پي ڪارڪن عالم ٻگهيو کي کنڀي گم  خلاف ايس يو پي تعلقي ڪوٽڙي طرفان پيادل مارچ المدينه چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ايس يو پي ڊويزنل حيدرآباد جي اڳواڻ  خدابخش ٿيٻو، جسقم اڳواڻ ديدار شام  فياض سومرو، عاشق ٻگهيو، شمشاد ميڻو، قاري وزير مجاهدي، سلام لاشاري، برڪت پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان المدينه چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته رياست بناجواز پر امن شهرين کي تنگ پئي ڪري عالم ٻگهيو ايس يو پي جو پر امن سياسي ڪارڪن آهي جنهن بلا جواز کنڀي گم ڪيو ويو آهي ڪيڏي بيحسي آهي جو ان جي وارثن کي به نٿو ٻڌايو وڃي ته آخر ڪهڙي ڏوھه ۾ کيس کنڀيو ويو آهي اهڙو  عمل ڪنهن به صورت درست ناهي هنن چيو ته بدامني ۽ منشيات جو ڪاروبار ڪندڙ افغانين خلاف رياست آپريشن ڪرڻ لاءِ تيار ناهي پر ڌرتي ڌڻين لاءِ ڌرتي ٽامو ڪئي وئي آهي رياستي ادارا توڙي ڄامشورو پوليس طرفان پر امن سياسي ڪارڪنن خلاف اڻ اعلانيل آپريشن جي مذمت ڪريون ٿا هڻن چيو ته عالم ٻگهيو کي فوري طور تي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.