حيدرآباد ۾ پورهيت جي قتل خلاف سومرا برادري جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد جي رهواسي سومرا برادري جي سوين مردن، عورتن ۽ ٻارڙن پورهيت عثمان سومرو قتل ڪيس ۾ انصاف نه ملڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ 16 ڄڻن کي جيل حوالي ڪرڻ سميت مک جوابدارن جي آزادي خلاف ڊي آءِ جي آفيس شهباز بلڊنگ کان حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عزيزسومرو، طيب سومرو، يوسف سومرو، آدم سومرو ۽ ٻين الزام هنيو ته پورهيت عثمان سومرو کي 15 آڪٽومبر 2021 تي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جا قاتل قاسم آباد جي اڳوڻو مختيارڪار ماجد خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ واجد خاصخيلي آزاد گهمي رهيا آهن، هنن چيو ته اسان کي جاچ آفيسر سراج لاشاري جوابدارن ڀائرن هڪ مهيني جي اسٽي ڏنو، جيڪو 4 مهينا گذرڻ باوجود ختم نه نٿي رهيو آهي ۽ هو آزاد گهمي رهيا آهن. هنن چيو ته اسان کي جاچ آفيسر تي ڪو به اعتبار نه رهيو آهي، ان ڪري جاچ آفيسر فوري طور تبديل ڪري نئين جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، جيڪا قتل جي شفاف جاچ ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته سومرا برادري جي گرفتار 16 ماڻهن مٿان داخل ڪيس فوري ختم ڪري آزاد ڪيو وڃي، قتل ۾ ملوث قاسم آباد جي اڳوڻي مختيارڪار ماجد خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ واجد خاصخيلي کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.