لاڙڪاڻي اي ٽي سي ۾ فهميده سيال قتل ڪيس جي ٻڌڻي

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي جي اينٽي ٽيررزم ڪورٽ ۾ قمبر ڀرسان خيرپور جوسو ۾ 10 مهينا اڳ پلاٽ معاملي تان قتل ٿي ويل عورت  فهميده سيال ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري. جتي ڪيس جو فريادي تقي سيال پنهنجي وڪيل رياض کوسو سميت پيش ٿيو، جڏهن ته ٻڌڻي تي آيل جوابدار تصور اسراڻ، سيف الله شاهاڻي، عزيز عرف ميجر اسراڻ ۽ طالب لاڙ پيش ٿيا، جڏهن ته عدالت ٻڌڻي ايندڙ 19 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي. هوڏانهن ڪيس جي فريادي تقي سيال پنهنجي وڪيل رياض کوسو جي معرفت ساڳئي عدالت ۾ جوابدار تصور اسراڻ خلاف درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آھي ته قتل ڪيس جو جوابدار سياسي اثر رسوخ تي پاڻ کي بيمار ڄاڻائي سول اسپتال ۾ قائم جيل وارڊ ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آھي، جتي هن کي جيل مينوئل سهولتن کان وڌيڪ سهولتون ملي رهيون آھن، جيڪو رات جي وقت پنهنجي گهر اچي واپس ٿي وڃي ٿو، فريادي جي عدالت کي اهڙي درخواست ملڻ کانپوءِ عدالت جوابدار کي ايندڙ ٻڌڻي تي پنهنجي بيماري جا سبب پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻئي طرف رپوش جوابدار نديم اسراڻ جي ملڪيت جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي عدالت قمبر تعلقي جي رجسٽرار مٿا سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ ڪيس جي فريادي تقي سيال جو چوڻ آھي ته پوليس بااثر قتل ڪيس جي جوابدار نديم اسراڻ کي گرفتار نه ڪري سگهي آھي جيڪو مختلف وقتن تي سياسي تقريبن توڙي ٻين پروگرامن ۾ پوليس جي بغير خوف جي شامل ٿئي ٿو هن چيف جسٽس پاڪستان چيف جسٽس سنڌ کي اپيل ڪئي ته با اثر نديم اسراڻ کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.