بوزدار وڏا ڀرسان اسڪول سالن کان بند، بااثر مال جو واڙو ٺاهي ڇڏيو

بوزدار وڏا (ن ع آ) بوزداروڏا ڀرسان ڳوٺ ڪنڊل خان ڏهر جو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول گذريل ڪيترن ئي سالن کان بند جڏهن ته ڳوٺ جي بااثر ماڻهن پاران اسڪول کي مال جو واڙو ڪري ڇڏيو مستقبل جي معمارن جي تعليم تباهه غريب شاگردن جا والدين سخت پريشان سرڪاري اسڪول جي بلڊنگ ۾ ڳوٺاڻن ڪڙٻ ۽ جانورن جي رهائش گاهھ بڻائي ڇڏي آهي آفيسرن جي سھڪار سان گورنمينٽ  بوائيز پرائمري اسڪول ڪنڊل ڏھر جي بلڊنگ تي ناجائيز قبضو اسڪول جي بلڊنگ کي مويشي مال جو واڙو ۽ گودام ڪري ڇڏيو آهي، اسڪول ۾ مقرر عملو گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳو، جڏهن ته ڳوٺ جا غريب بي پهچ رهواسين بيوس هنن تعليم جي صوبائي وزير سميت وس وارن بالا  آفيسرن کي اپيل ڪئي آهي ته هن معاملي جو جلد نوٽيس وٺي بند پيل اسڪول کي جلد کان جلد کولرائي معصوم ٻارڙن جي تعليم تباه ٿيڻ کان بچائي ۽ بند پيل  اسڪول کي ٻيھر کولائي معصوم ٻارڙن جو مستقبل بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.