نصير آباد ۾چورين جو آزار، هڪ ئي را ت ۾ 2 وارداتون

نصيرآباد(ن ع آ ) نصيرآباد ۾ چورن رڻ ٻاري ڏنو، هڪ  ئي رات ۾ چورين جون ٻہ وارداتون رپورٽ موجب نصيرآباد ۾ چورن رڻ ٻاري ڏنو آهي ڪالھ رات نصيرآباد جي شڪيل ڪالوني ۾ نامعلوم چورن حاجي امداد ٻگهيو جي گھر مان ٽي سولر پلٽيون کڻي فرار ٿي ويا جڏهن ته  ساڳئي ڪالوني ۾ نامعلوم چور مسجد مان 165 واري بيٽري کڻي فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع نصيرآباد پوليس کي ڏنو ويو جنھن ڪک ڀڃي ٻيڻو نه  ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.