مثالي قومون استادن کان رهنمائي وٺنديون آهن: ڊاڪٽر فتح مري

ٽنڊوڄام (م ڊ  )  سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو آهي ته سڌريل دنيا ۾ پروفيسر يا استاد ڪڏهن به رٽائر ناهي ٿيندو، پر مثالي  قومون پنهنجي سينيئر پروفيسرز کان هر وقت رهنمائي وٺي ترقيءَ جون نيون راهون وضع ڪنديون آهن، هن اها ڳالهه سنڌ زرعي يونيورسٽي جي رٽائر ٿيندڙ پروفيسر ۽ ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر قمرالدين چاچڙ جي الوداعي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر جي فيڪلٽي ڊين مقرر ٿيڻ تي سندس آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي، هن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي جي خوشنصيبي آهي جو هن يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي رکندڙ  قابل استادن جو وڏو انگ موجود آهي، هن چيو ته يونيورسٽي جي انڊرگريجوئيٽ ڊگري پروگرام ۾ داخلا ٻين يونيورسٽي سان گڏ يا ان کان اڳ ڪئي ويندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.