ٽنڊوآدم جي ھنجورڻ ڍنڍ ۾ پاڻي جو چاڙھ، پاڻي گھرن ۾ داخل

ٽنڊوآدم (م ڊ  ) ٽنڊوآدم جي ھنجورڻ ڍنڍ ۾ پاڻي جو چاڙھ، پاڻي گھرن ۾ داخل، رھواسين پاران پاڻي نيڪال ڪرڻ جو مطالبو.  رپورٽ موجب  ٽنڊوآدم جي علائقي جمن شاھ پاڙي ۾ واقع گندي پاڻي جي ڍنڍ ھنجورڻ ۾ تازو پوندڙ تيز طوفاني برساتن کان پوءِ پاڻي جو چاڙھ ٿي ويو آھي.  جنھن ڪري گندو پاڻي ڍنڍ جي ڀر وارن گھرن ۽ واڙن ۾ داخل ٿي ويو آھي.  جڏھن ته مور خاصخيلي جي گھر جي ڀت ڪري پئي گھر ڀاتي معجزانه طور بچي ويا. ،  ھڪ دفعو ٻيھر برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ وارو آھي ان لاء انتظاميه کي فوري طور ان طرف ڌيان ڏيڻ گھرجي.  واضح رھي ته گذريل ڪافي سالن کان شھر جو سمورو گندو پاڻي مذڪوره ڍنڍ ۾ وھي اچي رھيو آھي ڪيترن ئي زميندارن جون زمينون پڻ ڍنڍ جي نظر ٿي ويون آھن جنھن سان کين ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رھيو آھي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.