سڪرنڊ ۾ دڪان تان يوٽيلٽي اسٽور جو سامان هٿ

سڪرنڊ (ن ع آ)سڪرنڊ پوليس جو شاهي بازار جي پرچون جي دوڪان تي ڇاپو. جتي سرڪاري يوٽيلٽي اسٽور تي غريبن لاءِ آيل کاڄرو آئل ، کنڊ ، گيهه جا پيڪيٽ هٿ. پوليس هڪ ڄڻي حسن جدون کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار دوڪاندار حسن جدون ٻڌايو ته مان اهو سامان شاهي بازار مان اسلم راجپوت جي دڪان تان خريد ڪيو آهي. پوليس اسلم راجپوت جي دوڪان تي پڻ ڇاپو هنيو جتي يوٽيلٽي اسٽور تي ملندڙ سامان جا خالي دٻا مليا. ياد رهي ته سڪرنڊ جي يوٽيلٽي اسٽورن تي هڪ مهيني کان کاڄرو آئل ۽ ٻين ضروري شين جي کوٽ برقرار آهي. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته اهو يوٽيلٽي اسٽورن ملازمن جي ملي ڀڳت سان دوڪاندارن کي وڪرو ڪيو پيو وڃي. آخري اطلاعن تائين سڪرنڊ پوليس ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو پوليس مطابق اسان ڪيس داخل نه ٿا ڪري سگهون هي ڪيس فوڊ اٿارٽي يا يوٽيلٽي اسٽور جا آفيسر پنهنجن ملازمن مٿان داخل ڪرائي سگهن ٿا. پوليس گرفتار دوڪاندار کي پڇا ڳاڇا بعد آزاد ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.