ڏهرڪي ( ت ر ) ڏهرڪي لڳ گهر پنهنجا ۾ نامعلوم چورن حبيب الله سميجو جي گهر اندر رات جي انڌيري ۾ ٻن جاين تان کاٽ هڻي سونا زيور روڪ رقم پنجاھ ھزار ڪپڙا ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا آهن حبيب الله سميجو ميڊيا کي ٻڌايو ته اسين گرمي سبب گهر جي اڱڻ ۾ ستل هئا سين مان مسڪين آهيان چورن رات جو کاٽ هڻي منهنجوالهه تلهه ٻهاري ويا آهن، پوليس جاءِ واردات تي آئي هئي ۽ ڳوٺ ٻانهون ملڪ ۾ پيرا ويا آهن، جتان پوليس ٻن نامي گرامي چورن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايس پي گهوٽڪي تنويرتنيو کان مطالبو ڪيو آهي ته مونکي چوري موٽرائي ڏني وڃي ۽ چورن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي