سکر ۾ بجلي تار لڳائڻ تان جهيڙو، فائرنگ، علائقو ميدان جنگ، 5 زخمي

سکر (رپورٽر ) سکر جي علائقي گرم گودي ۾ سيد ۽ لغاري برادري جي ٻن گروپن ۾ جهيڙو، انڌاڌند فائرنگ، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي  ويو، گوليون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 5 ماڻهو زخمي، اسپتال منتقل، پوليس پاران واقعي واري هنڌ پهچي ڪنٽرول سنڀالي ورتو، خبر موجب: سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گرم گودي ۾ بجلي جي تار لڳائڻ واري معامري تان سيد ۽ لغاري برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان هٿيارن جا منهن کولي سخت فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾  سيد برادري جا سيد لياقت علي شاهه ۽ سيد هادي شاهه جڏهن ته لغاري برادري جا سعيد لغاري ۽ اڪبر لغاري ۽ نظير گوپانگ زخمي ٿي پيا آهن، جن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن واقعي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي. هوڏانهن ٻنهي ڌرين پاران فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف و حراس پکڙجي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.