حيدرآباد ۾ همراهه جو بجلي جي پول سان ٻڌل لاش هٿ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ اڻڄاتل همراهه جو بجلي  جي پول ۾ رسي سان ٻڌل لاش هٿ آيو آهي. ائيرپورٽ ٿاڻي جي حد گلستان سرمست اسڪيم وٽ بجلي جي پول ۾ پيرسن جو رسي سان ٽنگيل لاش ڏسي علائقي واسين ايئرپورٽ ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس واقعي واري جاءِ تي پھچي لاش بجلي جي پول تان لھرايو. جنھن کي ائيرپورٽ پوليس ضروري ڪاروائي لاءِ حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. ائيرپورٽ پوليس جو چوڻ آھي ته معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رھيا آھيون ۽ لاش جا فنگرپرنٽ وغيرا ورتا آھن. جنهن ذريعي لاش جي سڃاڻپ ڪنداسين. جڏهن ته اڃا تائين لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.