پنهنجي خرچ تي هلڻ جي دعويٰ ڪندڙ عمران خان توشا خانا مان چانهه جا ڪپ به نه ڇڏيا !

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عمران خان تي مهانگن تحفن کانسواءِ توشا خانا مان ڪجهه هزار رپين جا ٿانو به کڻي وڃڻ جو الزام لڳي ويو اهي.

ان حوالي سان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ محسن شاهنواز رانجها هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته عمران خان هميشه اها دعويٰ ڪندو رهيو آهي هو سادگي سان هلي ٿو ۽ پنهنجو خرچ پاڻ ڪري ٿو پر مهانگن تحفن کي ته ڇڏيو عمران خان توشا خانا مان ٿانو به نه ڇڏيا آهن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان جنهن کي وزيراعظم هائوس ۾ ويهاريو ويو اهو ٽيبل ميٽ، ڊيڪوريشن پيس، پينٽنگز، ٿانو، چانهه جا ڪپ ۽ ڪيٽلي، ڪراڪري جو سامان به کڻي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.