عمران خان کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪرڻ تي غور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي اليڪشن ڪميسن تي مبينا زلامن واري معاملي تي کيس توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي جڏهن ته نوٽيس يومِ عاشور کانپوءِ جاري ڪيو ويندو.

اليڪشن ڪميشن عمران خان جي تقريرن جو جائزو مڪمل ڪري ورتو آهي، پيمرا کان مليل رڪارڊ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کان جواب گهرو ويندو، اليڪشن ڪميشن مبينا الزامن تي کانئس وضاحت طلب ڪندو.

ياد رهي ته عمران خان جلسن کي خطاب ڪندي اليڪشن ڪميشن تي ڳنڀير الزام لڳايا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.