لاهور (ويب ڊيسڪ) پرويز الاهي طرفان اياز خان نيازي کي صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي جنهن بابت چيو پيو وڃي ته هو مختلف اسڪينڊلز ۾ گرفتار رهيو ۽ عدالت کيس سزا به ٻڌائي چڪي آهي.
سوشل ميڊيا تي بحث هلي رهيو آهي ته جن پي ٽي آءِ جي نوجوانن روڊن تي شيل کاڌا، پوليس جون لٺيون کاڌيون انهن کي اياز خان نيازي مليو آهي، اياز خان نيازي جي ڄڻ لاٽري لڳي وئي آهي جو کيس من پسند ڦورو جي طور تي اقتدار ۾ آندو ويو آهي.
صحافي رئوف ڪلاسرا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته عوام رڳو پسند جي ڦورن کي اقتدار ۾ چاهي ٿو، رڳو مرضي جو ڦورو هجي.
هن لکيو ته جنهن اياز خان نيازي کي اڄ پرويز الاهي پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪيو آهي ان بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڙهجي ته ڪنن مان دونهان نڪري وڃن.
تین دوست،ایک واردات
قوم انتظار میں ہے اب تین دوست —مونس الہی،محسن وڑائچ&ایاز نیازی —مل کر کیا نئی واردات ڈالتے ہیں۔NICL واردات تو بہت پرانی ہوگئی۔لوگ بھول بھلا گئے۔نئی نسل جوان ہوگئی۔امید ہے اب کی دفعہ زرا لمبا اور تگڑا ہاتھ ماریں گے اور پکڑے بھی نہیں جائیں گے۔
لیٹرا مرضی کا👍 pic.twitter.com/F2K2p0Lifv— Rauf Klasra (@KlasraRauf) August 5, 2022
سندس چوڻ هو ته مونس الاهي بابت هدايت به پڙهي وٺو ته ان کان لنڊن بينڪ اڪائونٽ مان 11 لک پائونڊز به اوڳاڙڻا هئا، اڄ ٻئي دوست ٻيهر حڪمران بڻجي ويا آهن.
هن چيو ته ٽئي نوجوان دوست مونس الاهي، محسن وڙائچ ۽ اياز خان نيازي ڏيڍ ارب رپين جي اين آءِ سي ايل اسڪينڊل جا مک ڪردار هئا، اڄ مونس جي خاطرداري پرويز الاهي ان ئي اياز نيازي کي پنهنجو صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو، اميد آهي ته ٽئي دوست پنهنجي قابليت جو سلسلو اتان ئي شروع ڪندا جتان ڇڏيو هو.