تحريڪ انصاف ميمبرن استعيفائون ڏنيون يا موڪلون وٺي ويا آهن؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف پاران چيو پيو وڃي ته سندن سمورن قومي اسيمبلي ميمبرن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

ڪجهه وقت اڳ پي ٽي آءِ اڳواڻن طرفان چيو ويو هو ته سندن ميمبرن استعيفائون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.

تحريڪ انصاف جي دعويٰ هئي ته سندن سمورا ميمبر استعيفيٰ ڏئي ويا آهن پر اسپيڪر سيڪٽريٽ وٽ ڪجهه اهڙيون به درخواستون آهن جن ۾ موڪلن جي گذارش ڪئي وئي آهي.

صحافي حامد مير هڪ ٽوئيٽ ۾ درخواست شيئر ڪئي آهي جيڪا ميان محمد سومري جي نالي سان آهي.

حامد مير ٽوئٽ ۾ لکيو آهي ته تحريڪ انصاف جي دعويٰ موجب سندن سمورن قومي اسيمبلي ميمبرن استعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي پر اسپيڪر سيڪريٽريٽ وٽ ڪجهه درخواستون اچي رهيون آهن ته اسان جي موڪل منظور ڪريو، مهرباني ڪري ان جي به وضاحت ڪريو.

حامد پير پاران شيئر ڪيل درخواست جو عڪس ڏسو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.