ناصر حسين کي بابر اعظم جي تعريف تي ڀارت کان معافي وٺڻي پئجي وئي !

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي انگلش ڪپتان ۽ جڳ مشهور ڪامينٽيٽر ناصر حسين پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي ڪور ڊرائيو جو ديوانو نڪتو.

ناصر حسين آءِ سي سي جي ويب شوم ماسٽر ڪلاس سوئنگ خلاف ڪور ڊرائيو کيڏڻ وقت بابر اعظم جو مثال ڏنو.

هن چيو ته جڏهن بال ٻاهر طرف سوئنگ ٿيندو آهي تڏهن بابر اعظم سوئنگ سان گڏ بهتر طريقي سان کيڏندو آهي، اي اين بيل، ڪين وليمسن، ڪي ايل راهول، جوئي روٽ ۽ بابر اعظم جون ڪور ڊرائيو بهترين آهن.

ناصر حسين چيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ مداحن کان معذرت پر بابر اعظم جي ڪور ڊرائيو مونکي وڻندي آهي، ورات ڪوهلي کي چونڊيان ها پر بابر اعظم جي ڪور ڊرائيو تمام گهڻي خوبصورت آهن.

اڳوڻي انگلش ڪپتان نوجوان بيٽرز کي صلاح ڏيندي چيو ته ڪور ڊرائيو سکڻي آهي بابر اعظم کي کيڏندي ڏسو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.