ڪامن ويلٿ گيمز، انعام بٽ ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو

برمنگهم (ويب ڊيسڪ) برمنگهم ۾ هلندڙ ڪامن ويلٿ گيمز جي ريسلنگ مقابلن جي 86 ڪلو جي ڪيٽيگري ۾ پاڪستان جو انعام بٽ ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو.

انعام بٽ ايونٽ ۾ پهريون بائوٽ پنهنجي نالي ڪري ورتو.

 هن اسڪاٽ لينڊ جي ڪيرون ميلون کي هارائي ايندڙ رائونڊ ۾ جڳه ٺاهي ورتي، پاڪستاني ريسلر انعام بٽ ڪيرون ميلون کي 11-0 جي تاريخي ٽيڪنيڪ سان مات ڏني

86 ڪلو جي ريسلنگ ڪيٽيگري ۾ ايندڙ رائونڊ ۾ انعام بٽ جو مقابلو آسٽريلوي پهلوان سان ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.