ڪامن ويلٿ گميز ۾ آسٽريليا هٿان بدترين شڪست، پاڪستاني ٽيم ميڊلز جي ڊوڙ کان ٻاهر

برمنگهم ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي هاڪي ٽيم پاڪستان کي آخري گروپ ميچ ۾ ستن گولن تان شڪست ڏئي ڪامن ويلٿ گيمز ۾ ميڊلز جي ڊوڙ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو، پاڪستان ٽيم آسٽريليا جي ستن گولن جي جواب ۾ هڪ به گول اسڪور نه ڪري سگهي.

يونيورسٽي آف برمنگهم هاڪي سينٽر ۾ راند جي شروعات دوران پاڪستاني رانديگرن جارح مزاج نظر آيا ۽ شروعاتي اٺن منٽن ۾ مخالف گول پوسٽ تي ٽه وار ڪيا پر انهن حملن کي گول ۾ تبديل نه ڪري سگهيا.

راند جي ٻارنهين منٽ ۾ آسٽريليا کي بليڪ گروررز گول ڪري سرسري ڏياري جڏهن ٻئي ڪوارٽر  ۽ راند جي گڏيل طور 19 هين منٽ ۾ جرمي هيورڊ مقابلو 0-2 ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ ڪينگروز راند کي وڌيڪ يز ڪيو ۽ هڪٻئي پٺيان حملا جاري رکيا پر پاڪستاني گول ڪيپر سندن اڳيان ڀت بڻجي بيهي رهيو.

ٻيو ڪوارٽر آسٽريليا جي 0-2 جي سرسري سان ختم ٿيو.

ٽئين ڪوارٽر ۾ جرمي هيورڊ هڪ ٻيو گول اسڪور ڪيو، ٻن منٽن بعد ٽام وڪ هم اسڪور 0-4 ڪيو، ڪوارٽر شروع ٿيندي ئي وڪ هم پنهنجو ٻيو ۽ ٽيم جو پنجون گول اسڪور ڪيو.

جيڪپ اينڊريسن ڇهون ۽ نيٿن افرامس ستون گول اسڪور ڪيو.

پاڪستاني ٽيم ميچ 0-7  تان هارائڻ سان گڏوگڏ ميڊل جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي ويو، پاڪستاني هاڪي ٽيم گروپ ميچ ۾ چوٿين نمبر تي رهي ۽ ايونٽ ۾ هاڻ ستين پوزيشن لاءِ ڪئناڊا سان مقابلو ڪندي.

پاڪستاني هاڪي ٽيم ڪامن ويلٿ گيمز 2022ع ۾ چئن مان رڳو هڪ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ هڪ بنا نتيجي ختم ٿي.

ايونٽ ۾ پاڪستان ٽيم 6 گول اسڪور ڪيا جڏهن ته سندس خلاف 15 گول اسڪور ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.