سجل علي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تي ٺهيل سيريز ۾ فاطمه جناح جو ڪردار ادا ڪندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا سجل علي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تي ٺهيل سيريز ۾ قائداعظم جي ڀيڻ فاطمه جناح جو ڪردار ادا ڪيو آهي.

سن 1947 جي ورهاڱي واري موضوع تي ٺهيل سيريز ۾ پاڪستاني اداڪارا سجل علي، سميا ممتاز ۽ سُندس فرحان،  فاطمه جناح جي زندگي جي مختلف دورن جي بنيادن تي ان جو ڪردار ادا ڪنديون نظر اينديون.

فاطمه جناح ۽ ورهاڱي جي حوالي سان ٺهندڙ تاريخي سيريز جو ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر دانيال ڪي افضل آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال ڪي افضل چيو ته سيريز جو تعرفي ٽيزر 14 آگسٽ تي ڏيکاريو ويندو، ان ۾ هڪ منظر بمبئي جي حوالي سان، ٻيو منظر مهاجرن جي اچڻ تي ۽ ٽيون وري فاطمه جناح جي اليڪشن واري دور تي ٺهيل آهي.

هن سيريز ۾ وائرل ٿيل ”پارٽي هو رهي هي“ چوندڙ دنانير مبين کي بمبئي جي صحافڻ ڪري ڏيکاريو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.