مهوش حيات کي وري نئون اعزاز ملي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا مهوش حيات هڪ ٻيو وڏو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.

مهوش حيات ۽ فلم ”نيور هيو آءِ ايور“ جي پروڊيوسر لينا خان کي مسلمانن جي اڳواڻيءَ لاءِ يو ڪي مسلم فلم جي چيريٽي جو اعليٰ عهديدار چونڊيو ويو آهي.

اداڪار ۽ پروڊيوسر ساجد ورده جي ان پليٽ فارم يو ڪي مسلم فلم جو مقصد اسڪرين تي مسلمانن خلاف ناڪاري رويي کي تبديل ڪرڻ سان گڏوگڏ اسڪرين کان ٻاهر مسلمانن جي صلاحيتن کي وڌائڻ آهي.

ان حوالي سان مهوش حيات چيو ته اسڪرين تي مسلمانن جي اڳواڻي کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ ۽ مسلمانن خلاف ناڪاري رويي سان پيدا ٿيل تاثر ختم ڪرڻ لاءِ ڪجهه سالن کان اڻ ٿڪ محنت ڪري رهي آهيان، مان مڃان ٿي ته مسلمانن جي اسڪرين تي ناڪاري رول سان اسلاموفوبيا ۾ واڌ ٿي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ”يو ڪي فلم سان گڏ ڪم ڪرڻ جو انتظار ڪري رهي آهيان ته جيئن مسلمانن جو اسڪرين تي مثبت نه صحيح گهٽ ۾ گھٽ انصاف وارو ڪردار ته ملي، جيئن اسان کي اسڪرين تي ڏيکاريو ويندو آهي اهڙي طرح ناهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.