اسيمبليون ٽوڙيو ، پي ٽي آءِ حڪومت کي الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري هڪ مهيني دوران حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ جو الٽيميٽم ڏيندي چيو آهي ته حڪومت چونڊن جو اعلان ڪري جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته اسان جي ايندڙ قدم لاءِ تيار ٿي وڃي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان 48 ڪلاڪن اندر ڪنداسين.

هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت اڃا به عقل ناهي آيو ۽ هو چونڊن جو اعلان نٿي ڪري ته پوءِ اسان جي قدمن لاءِ تيار ٿي وڃي، ان کان وڌيڪ وقت ڏيڻ سان ملڪ جي معيشت ۽ سياست تباهه ٿي ويندي.

انکان اڳ هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جنرل سرفراز جي گهر ويو ۽ سندس پونيئرن سان تعزيت ڪئي، اسان سمورن شهيدن لاءِ دعاگو آهيون ۽ ڀيٽا پيش ڪريون ٿا، پاڪ فوج جي جوانن جنهن نموني ٻوڏ متاثرن جي خدمت ڪئي اهو ساراهه جوڳو عمل آهي.

فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ ڊرون حملي ۾ ايمن الظواهري جي مارجڻ تي اسان ڪلير فڪيشن چاهيون ته هوائي حدن يا زمين استعمال ٿي يا نه، پاڪستان ماضي ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي هاڻ اسان اهڙي ڪنهن به جنگ جو حصو نٿا بڻجي سگهون.

فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن طرفان ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪرڻ واري معاملي تي ڳالهائيندي چيو تهکي ننڍي چونڊ بابت اليڪشن ڪميشن کي عدالت جي فيصلي جو احترام ڪرڻ کپي ها ۽ 16 آگسٽ تائين شيڊول روڪڻ گهرجي ها.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته موجودا اليڪشن ڪميشن تي ڪو به يقين ناهي، اسان کي هن اليڪشن ڪميشن جي ڪهڙي به فيصلي ۽ چونڊن واري عمل تي ڀروسو ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.