لياري جي ”ڊرائيور باجي“ جنهن کي سڀ استاد چون ٿا !

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماه نور بلوچ جو تعلق ڪراچي جي علائقي لياري سان آهي ۽ 11 سالن کان ڊرائيونگ جي پيشي سان لاڳاپيل آهي، جنهن سبب کيس علائقي ۾ ڊرائيور باجي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

ماهنور بلوچ 36 سالن جي آهي ۽ هن پيشي ۾ پنهنجو نالو ٺاهيو آهي جيڪو روايتي طور تي مردن لاءِ مخصوص آهي.

ماه نور بلوچ جو چوڻ آهي ته خاص ڪري منهنجي گهٽي جا ماڻهو مون کي تمام گهڻو متاثر ڪن ٿا. هن سڄي پاڙي ۾ منهنجي تمام گهڻي عزت آهي.

هن چيو ته مان لياري جي پهرين عورت ڊرائيور آهيان، مان 11 سالن کان لياري ۾ ڊرائيونگ ڪري رهي آهيان. مون ٻارن لاءِ پِڪ اينڊ ڊراپ سروس سان ڊرائيونگ شروع ڪئي.

ماهنور ٻڌايو ته جڏهن هن ڊرائيونگ سکڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ته ماڻهن کيس چيو ته جيستائين توهان وٽ پنهنجي ڪار نه آهي ڊرائيونگ جي ٽريننگ وٺڻ جو ڪو به فائدو ناهي.

هن چيو ته منهنجي پٽ جي خواهش هئي ته اسان پنهنجي ڪار ۾ اسڪول اچون، مون پنهنجي پٽ جي خواهش تي اڄ هتي آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.