ڪارونجهر جي ڪنڌ کي ڪسجڻ کان بچايو

تحرير: حميده گهانگهرو

تاريخي ماڳ مڪان ڌرتيءَ جي سڃاڻپ ۽ علائقن جي سونهن طور ليکيا وڃن ٿا، پوري دنيا ۾ تاريخي ۽ قدرتي نشانن کي سهيڙي سنڀالي بلڪه ڳرڻ ۽ اصل شڪل موسم ۽ گهڻي وقت جي ڪري مٽجڻ جي صورت ۾ انهن جي قدرتي ۽ تاريخي سونهن کي برقرار رکڻ لاءِ مرمت جا ڪم ڪيا ويندا آهن ته جيئن خبر پوي ته سندن تاريخي وجود ڪهڙي شڪل ۾ موجود هو ۽ آهي. دنيا ۾ انسانن، جانورن، پکين مطلب هر ساهدارن جو وقت حالتن مطابق شڪليون مٽيون آهن، سوين سال اڳ جا ڊائنوسار هن وقت سواءِ تصويرن ۽ مصنوعي شڪل ۾ فلمن ۾ نظر ٿا اچن، مثلاََ جيئن ڊائنوسار ڏيکارڻ لاءِ جيراسڪ پارڪ فلم ٺاهي وئي، جنهن ۾ سڀ مصنوعي هٿرادو جانور هئا يا وري ڪئميرا جو ڪمال ته انهن کي ننڍي وڏي شڪل ۾ ڏيکاريو ويو. اهڙي طرح انسانن جون اصلي شڪليون اڄ جي انسان کان بلڪل مختلف آهن. سوچ سمجهه سان اٿڻي، ويهڻي ڪري انسانن جو حليو ئي بدلجي ويو آهي.

 

 

پر جيڪڏهن مختلف علائقن ۽ ننڍن وڏن شهرن جي اٿڻي ويهڻي کي به ڏسبو ته زمين آسمان جو فرق نظر ايندو. وري اهڙي طرح هڪ ٻولي جا لب لهجا به مختلف هوندا، انهي جي ڄاڻ ان ڪري معلوم ٿئي ٿي ته زندگي جي تسلسل ۾ مهينن سالن جي فرق سان سامهون ايندڙ منظر آهن. پر جتي سوين سال تبديلين ۾ گذري وڃن، جن تي موسم جي تبديلي زوردار مينهن ۽ هوائن سان تبديليون اچن ته انهن يادگارن کي سوين نه پر هزارين سال شڪل مٽائڻ ۾ لڳندا آهن. انهي ڪري اهڙي تاريخي جاين، ماڳن جي سار سنڀال ڪرڻ انتظاميه، وقت جي حڪمرانن ۽ ڪجهه مقامي ماڻهن جو وڏو هٿ ۽ سهڪار هوندو ته بچي سگهندا. ٻي صورت ۾ برپٽ بيابان ريگستان پهاڙن جي سڃاڻپ ڪري ۽ سندن تي پيل نالن جو وجود بلڪل ميسارجي ويندو.

ڪارونجهر ٻن اهم ملڪن ۽ ڪيترن ڪنڊ پاسن جي ملڪن ۾ سنڌ جي سندور جي سڃاڻپ رکي ٿو، اهڙي طرح هماليه جي خوبصورتي ۽ زندگي جي جيون جو سهارو سندس ڪنڊن پاسن يا وچ مان سِر ڏيندي برف جا گليشيئر ٽٽن ٿا ته ڄڻ سنڌو جون ڇوليون ۽ گجگوڙ جهومنديون جهولنديون ڌرتيءَ جي غير آباد سڪل اڙٻنگ زمينن کي سراب ڪندي ته ڄڻ خوشحالي ۽ ستل مسئلن کي سجاڳ ڪندي. اهڙي نموني ڪارونجهر جي خوبصورتي انهي وقت آسمان ۾ ٽڙندڙ تارن ۽ ٿر جي وارياسي زمين تي سائي چادر ان وقت نظر ايندي، جڏهن وسڪاري پوڻ سان سڄو پهاڙ خوبصورت رنگن جو ڏيک ڏيندو ۽ وري وڻن جي وچ مان اڏامندڙ مور رنگ برنگي پرن سان آسمان هيٺان جهومندي ۽ ڳائيندي نظر ايندا.

اهو منظر صرف ڪارونجهر جي ٿر يا تر جي ڪارونجهر ۾ ئي نظر ايندو، خوبصورت شهرن زندگي جي هر آرام آسائش کي ڇڏي قافلن جي صورت ۽ ڪارونجهر ڏسڻ جا شيدائي وڃي ڏسندڙ منظرن کان لطف اندوز ٿيندا. انهي ڪري جن به ملڪن جي بهترين تاريخ، ثقافت، تهذيب ڏسڻي هجي ته قدرتي حسن کي پرکڻ ان جي حفاظت ۽ تحفظ ڪرڻ انتهائي اهم آهي.

انگريز جڏهن برصغير مان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ڪارونجهر ڇڏڻ تي قطعي دل نه پئي چوي، ڇاڪاڻ جو انگريز سرڪار کي خبر هئي ته هيءُ پٿر نه پر قيمتي هيرن جا پٿر آهن جن کي سيني ۾ سانڍيو هن جبل جي اوچائي نظر اچي ٿي.

سنڌ جي عوام سان ويساهه گهاتي اها آهي ته ڪا به شئي مقامي ماڻهن جو پهريون حق آهي ته هنن جي وارثي کي قبول ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪي اصلاحات به آندا وڃن ٿا ته پهريون حق مقامي ماڻهن جو روزگار بحال ڪري اهڙا نمايان مرڪز ٺاهيا وڃن جن سان علائقي جو سڌارو اچي پر هن وقت تائين ٿيو ائين آهي ته ڪارونجهر جا ڪپر ڪوري، ڪٽي کيس جهير ته ڏنا ويا آهن پر ان قيمتي پٿر جو استعمال ڪيئن ٿيو آهي ڪير حساب ڏيڻ وارو ناهي. ان کان اڳ ڪارونجهر جي ڪٽائي تي به سنڌ جي عوام ڪاوڙ ۽ ڏک جو اظهار ڪري چڪي آهي ته جيڪڏهن هن سنڌ ڌرتي جي معدني، زرعي، وسيلن تي سنڌ جي عوام کي ڪا سهولت نٿي ڏني وڃي ته ڇا سنڌي قوم پنهنجي بنادي ضرورتن ۽ حقن کان  محروم رهندي. ڏسجي ته ٿر سڄو سون ۽ هيرن جي کاڻ آهي. ڪوئلي جي شڪل ۾ ٿرڪول هيرن کان به قيمتي آهي پر اڄ به ٿر جو عوام ڏڪار سبب بک بيماري، مفلسي سبب غريب عوام ڦاسي جي ڦندي کي ڳلي جا هار بڻائي زندگي اوجهل ٿو ڪري ته ڪڏهن ٿر جامور اٺ، چوپايو مال بک اڃ وگهي موت جي منهن ۾ هليو ٿو وڃي ته اهڙي صورت ۾ بجاءِ ڪارونجهر کي ڪهڻ ڪپڻ جي انهن انساني زندگين کي بچائڻ لاءِ سوچجي. ٻي صورت ۾ ائين سمجهي سگهجي ٿو ته پنهنجا ذاتي مفاد ۽ گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ سنهري خواب ڏيکاري غريب عوام کي رڳو ريجهايو ٿو وڃي، جنهن جو واضح مثال ٿرڪول آهي ته ڪيترو سنڌي عوام ۽ خاص طور ٿري عوام کي فائدو رسايو ويو آهي اڄ به پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو ڳنڀير صورتحال اختيار ڪري ويو آهي، صدين کان وسڪاري جي اوسيئڙي ۾ زندگي گهارڻ وارو عوام هن دور جي جديد ٽيڪنالوجي کان محروم آهي، جيڪي سازشون جبل جي کوٽائي ڪري حصن ۾ ورهائڻ جون آهن، اهڙو ئي عمل صرف پاڻي فراهم ڪرڻ جي رٿا تي مقرر ڪيو وڃي ته هوند ٿر جو عوام دعائن جي هٿن کي هميشه لاءِ مٿي کنيو ويٺو هوندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.