چين آمريڪا سان ڪيترن ئي معاملن ۾ سهڪار بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين هلندڙ هفتي آمريڪي اسپيڪر نينسي پيلوسي جي تائيوان جي دوري کانپوءِ واشنتگھن سان ڪيترن ئي دفاعي نوعيت جي اجلاسن سميت اهم موسمياتي ڳالهين کي معطل ڪري رهيو آهي.

پرڏيهي وزارت تائيوان جي دوري تي نينسي پيلوسي جي چين جي مخالفت جو حوالو ڏيندي چيو ته بيجنگ چين آمريڪا موسمياتي تبديلي جي ڳالهين کي معطل ڪري ڇڏيندو.

هن وڌيڪ چيو ته بيجنگ، واشنگٽن جي عسڪري اڳواڻن وچ ۾ ملاقات سان ٻه سيڪيورٽي اجلاسن جا منصوبا به ختم ڪندو.

چيني پرڏيهي وزارت چيو ته هو غيرقانوني رهواسين جي وطن واپسي، عدالتي مدد ۽ عالمي ڏوهن سان گڏ منشيات جي خاتمي جي ڪارروائي تي واشنگٽن سان سهڪار معطل ڪري رهيو آهي.

ان کانسواءِ نينسي پيلوسي ۽ سندس ڪٽنب تي اڻ ڄاڻايل مدي تائين پابندي لاڳو ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.