موبائيل فون سروس بند، شيڊول جاري

فيصل آباد ( ويب ڊيسڪ ) فيصل آباد ريجن ۾ موبائيل سروس بند ٿيڻ جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي.

فيصل آباد ۽ جهنگ ۾ 7 ۽ ڏهه محرم الحرام تي موبائيل فون سروس بند رهندي.

رپورٽن موجب چنيوٽ ۽ ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۾ ڏهه محرم تي موبائيل فون سروس بند رهندي.

موبائيل فون سروس صبح اٺ وڳي کان رات ٻارنهين وڳي تائين بند رهندي.

پوليس اختيارين جي سفارشن تي پنجاب جي گهرو وزارت موبائيل فون سروس بند ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.