هيلي ڪاپٽر حادثو: آءِ ايس پي آر پاران ناڪاري سوشل ميڊيا مهم تي ڪاوڙ جو اظهار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري لسبيلا هيلي ڪاپٽر حادثي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ناڪاري مهم تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب هيلي ڪاپٽر حادثي کانپوءِ ناڪاري سوشل ميڊيا مهم سبب شهيدن جي پونئرن جي دل آزاري ٿي جنهن تي شهيدن جي ڪٽنبن ۽ پاڪستان فوج جي رينڪ اينڊ فائل ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ آهي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته هن ڏکئي ۽ تڪليف ڏيندڙ وقت ۾ سموري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺي هئي پر ڪجهه بي حس ڌرين طرفان سوشل ميڊيا تي تڪليف ڏيندڙ ۽ توهين جوڳي مهم هلائي وئي، اهي بي حس رويا قبولڻ جوڳا ناهن ۽ مذمت جوڳا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.