عمران خان جو 9 تڪن تان اليڪشن وڙهڻ وارو اعلان پي ڊي ايم لاءِ وڏو چيلينج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ  انصاف جي چيئرمين عمران خان قومي اسيمبلي جي 9 تڪن تان پاڻ ننڍي چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪري ورتو .

اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي 9 سيٽن تي ننڍي چونڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڄاڻايل 9 تڪن تي ننڍي چونڊ 25 سپٽمبر تي ٿيندي.

ذريعن موجب عمران خان قومي اسيمبلي جي 9 تڪن تان پاڻ چونڊ  وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن 9 تڪن تي ننڍي چونڊ جو شيڊول جاري ڪيو هوجنهن موجب  اين اي 22مردان 3، اين اي 24 چارسده 2، اين اي 31 پشاور 5، اين اي 45 ڪرم 1، اي اي 108 فيصل آباد، اين اي 118 ننڪانه صاحب2، اين اي237 ملير 2، اين اي 239 ڪراچي 1 ۽ اين اي 246 ڪراچي ڏکڻ 1 ۾ ننڍي چونڊي ٿيندي.

قومي اسيمبلي جي نو تڪن تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ 25 ڊسمبر تي ٿيندي جڏهن نامزدگي ڪاغذ 10 آگسٽ کان 13 آگسٽ تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا.

ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن نامزدگي  ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ 17 آگسٽ تي ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.