لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ميزبان مٿيرا جو چوڻ آهي ته هو نماز پڙهندي آهي ۽ هن انگلشن ۾ قرآن پاڪ به پڙهيو آهي.
سوشل ميڊيا تي مٿيرا جي هڪ انٽرويو ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هن جو چوڻ هو ته 30 سال عمر کانپوءِ جڏهن مان پنهنجي ذات ۾ تبديلي چاهي ته مان تهجد پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيو، مان صلوات الحاجات به پڙهندي آهيان ۽ مان پنهنجي صلوت الحاجات مس نٿي ڪرڻ چاهيان.
مٿيرا ٻڌايو ته هاڻ منهنجو مقصد آهي ته مان 2 کان 3 فرض نماز به ادا ڪريان ڇو ته مان سمهڻ ۽ ڪم ڪرڻ سبب 5 وقت نماز نٿي ادا ڪري سگھان.
ميزبان جو چوڻ هو ته مان شين کي سمجهڻ لاءِ قرآن کي انگلش ۾ پڙهڻ شروع ڪيو ڇو جو هي پڙهڻ گھڻو ضروري آهي پر منهنجي اردو ۽ عربي گھڻي ڪمزور آهي ان لاءِ مان قرآن پاڪ کي انگلش ۾ پڙهيو.
هن وڌيڪ چيو ته انسان لاءِ تبديلي ضروري آهي ۽ هر گذرندڙ وقت سان گڏ انسان ۾ تبديلي اچي ويندي آهي، مونکي لڳي ٿو ته هاڻ مان ذهني طور تي وڌيڪ ميچور ٿي رهيا آهيان ۽ وڌيڪ سنجيده ٿي وئي آهيان ڇو ته مان هر وقت 15 سالن جي ڇوڪري نٿي رهي سگھان.