چوماسي جا 2 سسٽم اڄ ڪراچي تي وسڻ لاءِ تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڄ سنڌ تي چوماسي جو سسٽم اثر انداز ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي موجب ان دوران ڪراچي تي هڪ نه ٻه سسٽ وڌيڪ برساتون آڻي رهيا آهن جنهن تحت ڇنڇر کان شروع ٿيندڙ نئون سلسلو 9 آگسٽ تائين ڪٿي وچولي ته ڪٿي تيز برساتن جو سبب بڻجندو. پوءِ 11 کان 15 آگسٽ تائين ٻيهر برساتن جو سلسلو شروع ٿيندو.

ان حوالي سان چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائنيدي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ سڀاڻي کان هلڪي برسات ۽ 7 آگسٽ تي وچولي مينهن جو امڪان آهي.

چيف ميٽرولوجسٽ موجب ڪراچي ۾ سڀاڻي 6 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ برساتن جو نئون اسپيل 9 آگسٽ تائين جاري رهندو جڏهن ته ٻيو اسپيل 10 آگسٽ تي شام جو ايندو، پهرين اسپيل جي مقابلي ۾ ٻيون اسپيل وڌيڪ طاقتور هوندو جنهن دوران ڪٿي ڪٿي گھڻي تيز برسات جو امڪان آهي.

سردار سرفراز جو چوڻ هو ته اوڀر سنڌ ۾ ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ۾ اڄ  شام تائين هلڪي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته گذريل رات به ٿرپارڪر ۾ ڪنهن ڪنهن هنڌ هلڪي برسات ڏسڻ ۾ آئي.

چيف ميٽرولوجسٽ ٻڌايو ته ٺٺي، بدين، سجاول، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ تيز برسات جو امڪان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.