لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه ڪيس، پي ٽي آءِ اڳواڻ بي ڏوهي قرار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور پوليس لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کي بي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو.

لاهور پوليس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي جنهن ۾ لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان رسائڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن ياسمين راشد ۽ شفقت محمود سميت بين کي بي ڏوهي قرار ڏنو.

عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب پي ٽي آءِ اڳواڻن تي شفيق آباد ٿاڻي، شاهدرا، گلبرگ ۽ ڀاٽي گيٽ ۾ ڪيس دخل هئا جڏهن ته پوليس ڪيس مان دهشتگردي ٽوڙ جا قلم ختم ڇڏيا.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس کي هاڻ هن ڪيس ۾ جوابدارن جي گرفتاري گهربل ناهي.

پوليس طرفان عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ بعد پي ٽي آءِ اڳواڻن ضمانتن جون درخواستون واپس وٺي ڇڏيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.