” عمران خان کي فارغ ڪرڻ ايترو ئي ڏکيو آهي ته جيترو نواز شريف کي ايماندار ثابت ڪرڻ“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي فارغ ڪرڻ ايترو ئي ڏکيو آهي جيترو نواز شريف کي ايماندار ثابت ڪرڻ.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري مطالبو ڪيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر استعيفيٰ ڏئي نه وري اسان کي ڪو  قدم کڻڻو پوندو، هي ملڪ راڻا ثناءُ الله جو ناهي جو هن سڄو اسلام آباد بند ڪري ڇڏيو.

هن ن ليگ جي قائد نواز شريف تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان کي فارغ ڪرڻ ايترو ئي ڏکيو آهي جيترو نواز شريف کي ايماندار ثابت ڪرڻ.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.