”اليڪشن ڪميشن ” ڪرپٽ خان “  ۽ سندس پارٽي خلاف فيصلو قانون موجب ڪيو“

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) ن ليگ اڳواڻ ۽ وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ نواز شريف کي پاڪستان جي عوام جي خدمت ڪندو ڏسي رهيو آهيان.

لنڊن ۾ ن ليگ جي قائد نواز شريف سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ميان جاويد لطيف چيو ته عوام نواز شريف کي پاڪستان ۾ ڏسڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته نواز شريف جو پاڪستان ۾ آڌر ڀاءُ ڪندس، نواز شريف پاڪستان جي جنهن هوائي اڏي تي لهندو اتي عوام جو سمنڊ نظر ايندو.

جاويد لطيف چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪرپٽ خان جي پارٽي خلاف فيصلو آئين ۽ قانون پٽاندڙ ڏنو، حڪومت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي موجب قدم کڻي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.