مفتاح اسماعيل عوام کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي!

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته اسان پنهنجي امپوررٽ کي گهٽايو آهي جڏهن ته عالمي مالياتي ادارن کان فنڊز ملڻ جي اميد تي ڊالر جي اگهن ۾ لاٿ آئي آهي.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته جڏهن اسان حڪومت ۾ آياسين تڏهن اسان کي ڏاڍا ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا جنهن ۾ پيٽرول مهانگو ٿيو ۽ مهانگائي وڌي پر هاڻ شيون درست ٿي رهيون آهن، ڊالر جي اگهه ۾ لاٿ آئي آهي، اسان ست ڏهاي ست بلين جي امپورٽ گهٽائي چار ڏهائي نو بلين ڪري ڇڏي آهي، هاڻ ماڻهن کي گذارش آهي ته ٽن مهينن تائين امپورٽ نه وڌڻ ڏينداسين ۽ انکانپوءِ ڪائي حڪمت عملي جوڙينداسين.

ناڻي واري وزير چيو ته جڏهن دٻاءُ هو ته تيل ۽ گئس امپورٽ ڪيا هئا، هاڻ پاڪستان ۾ 30 ڏينهن جو پيٽرول ڊيزل ۽ 6 مهينن جو فرنس آئل موجود آهي.

مفتاح اسماعيل چيو ته سٺا ڏينهن هلي رهيا آهن، وچ ۾ هڪ ڏينهن خراب گذرندو، اسان وڌيڪ ٽي چار مهينا امپورٽ گهٽ ڪنداسين ۽ وري پوءِ ڪو طريقيڪار جوڙينداسين ۽ ايڪسپورٽ وڌائينداسين، اسان کي هلندڙ سال بجيٽ خسارو ڪنٽرول ڪرڻو آهي ۽ اسان ايڪسپورٽ جي ماڊل تي وينداسين، جون ۾ 7.7 ڊالر امپورٽ بل هو ۽ ايڪسپورٽ 2.7 ڊالر رهي.

هن چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ 80 ارب جي امپورٽ ۽ 31 ارب ڊالر جي ايڪسپورٽ ٿي، اهڙي صورتحال ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڪنٽرول ڪئين ٿيندو.

ناڻي واري وزير چيو ته معيشت ڊيفالٽ جي ڪناري تي هئي اسان مسئلن کي ڪنٽرول ڪرڻ  جي ڪوشش ڪئي، عالمي مالياتي ادارن کان فنڊن ملڻ جي اميد آهي، ڊالر جي اگهن ۾ لاٿ آئي آهي، دوست ملڪن به آءِ ايم ايف سان رابطو ڪرڻ جو مشورو ڏنو جنهن بعد دوست ملڪن وٽان به مدد جو امڪان آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اسانجي  23 کان 24 هزار ميگاواٽ بجلي ٺاهڻ جي صلاحيت آهي جڏهن ته پيڪ سيزن ۾ بجلي جي گهرج 30 هزار ميگاواٽ هوندي آهي، بجلي جي ڊيمانڊ ته وڌي وئي آهي پر اسان جي ايڪسپورٽ ڊبل ناهي ٿي، دنيا ۾ ائين ٿيندو آهي ته جڏهن بجلي ٺهندي آهي ته ڪارخانا لڳندا آهن اسان وٽ وري ان بجلي ذريعي شادن هالن کي چمڪايو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.