ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلمن تي عالمي برادري جي خاموشي مذمت جوڳي آهي: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ڀارتي ظلمن باوجود ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد مضبوط ٿي چڪي آهي ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان مستحڪم ٿيندي پئي وڃي.

يوم استحصال جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان لکيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي مودي سرڪار گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي والاريل ڪشمير جو خاص درجو ختم ڪري ڇڏيو .هن سوچو ته ائين ڪرڻ سان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد واري جذبي کي دٻائي سگهجي ٿو.

هن وڌيڪ لکيو ته اسان کي چيو ويندو آهي معاشري ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي مذمت لاءِ آواز بلند ڪيو پر جڏهن ڳالهه ڀارت ۽ والاريل ڪشيمر ۾ انساني حقن جي پائمالين جي ايندي آهي ته انهن قوتن کي چپ وٺي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته ڀارت هڪ وڏي مارڪيٽ آهي يا اهي ان جي اسٽريٽجڪ ۾ ڀائيوار آهن.

هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين لکيو ته ڀارت جي غيرقانوني قدم سان ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد مضبوط ٿي چڪي آهي ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان مستحڪم ٿيندي

پئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته سلامتي ڪونسل جي ٺهرائن ۽ عالمي قانون هئڻ باوجود عالمي برادري جي ڀارتي ظلمن ۽ ڏاڍائين تي خاموشي ۽ اخلاقيات جو مخصوص درس مذمت جوڳو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.