يوم استحصال،  وزيراعظم شهباز شريف جو ڀارت کي سخت پيغام

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف  چيو آهي ته ڀارتي والاريل ڪشمير جو آبادياتي ڍانچو تبديل ڪرڻ لاءِ ” هندو توا “ ايجنڊا هوڏ سان اڳتي وڌائي رهيو آهي.

يوم استحصال ڪشمير تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڀارت پنج آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ هڪ طرفن قدمن کي 3 ورهيه گذري چڪا آهن، ڀارت جو ڪشميري عوام سان غيرانساني ورتاءُ جاري آهي.

وزيراعظم چيو ته ڀارت حڪومت چوٿين جنيوا ڪنوشن ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي،  والاريل ڪشمير جي اعليٰ حريت قيادت بدستور قيد آهي، ڪشميري نوجوان ڀارتي قابض فوج جا عدالت کان مٿانهين قتل جو نشانو بڻيل آهن.

هن چيو ته ڪشميرين کي سندن بنيادي حقن ۽ هر قسم جي آزادي کان مسلسل محروم رکيو پيو وڃي، ڀارتي حڪومت ماٿري جي آبادياتي ڍانچو تبديل ڪرڻ لاءِ هندوتوا اينجنڊي کي هوڏ سان اڳتي وڌائي رهيو آهي.

شهباز شريف چيو ته ڀارتي قابض فوج والاريل ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل تبديل ڪري ڇڏيو آهي والاريل ڪشيمر ۾ انساني حقن جي صورتحال 3 سالن ۾ بدتر ٿي آهي، ڪشميري عوام هنيئر تائين فوجي گهيري  ۾ آهي پر ڪشميري عوام جرئت ۽ دليري سان ڀارتي ظلمن واري مهم کي ناڪام بڻايو آهي.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪشيمرين جي جائز مقصد حاصلات لاءِ سندن هر ممڪن مدد ڪئي آهي، پاڪستان انهن ڪشميرن جي آواز بڻبو جن جون قربانيون هن وقت به جاري آهن، اسان سندن جائز حقن جي مڪمل حاصلات لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪنداسين.

سندس چوڻ هوته ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن ڪشيمر مسئلي جي پرامن حل ۾ ئي آهي جنهن لاءِ عالمي برداري کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.