احتساب قومي ناڻي تي ٻوجهه بڻيل رهيو، جاويد اقبال جي پگهار ۽ مراعتن جا تفصيل منظرعام تي اچي ويا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي پگهار ۽ مراعتن جا تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪيا ويا آهن.

قانون واري وزارت جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي چيئرمين نيب طور پگهار ۽ مراعتن جا تفصيل لکت ۾ سينيٽ ۾ پيش ڪيا .

سينيٽ ۾ پيش ڪيل تفصيل ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جاويد اقبال کي چيئرمين نيب طور نيب ماهوار 12 لک 39 هزار بنيادي پگهار ملندي هئي، اڳوڻي چيئرمين پنهنجي ملازمت جي مدي دوران 7 ڪروڙ 45 لک رُپين جي بنيادي پگهار حاصل ڪئي.

قانون واري وزارت جي جمع ڪرايل جواب ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڳوڻي چيئرمين نيب کي ڇهه هزار رپين جو ماهوار فون الائونس، 68 هزار هائوس رينٽ ڏنو ويو.

جاويد اقبال کي ملازمت  جي مدي دوران 3 لک 40 هزار ٽيلي فون الائونس ۽ 38 لک 58 هزار هائوس الائونس ڏنو ويو .

لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جج طور جسٽس جاويد اقبال جي ريٽائرمنٽ کانپوءِ پنشن، مراعتن ۽ گريجويٽي جا تفصيل ناهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.