پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ بابت وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پيٽروليم سيڪٽر جي ماهرن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪچي تيل جي عالمي اگهن ۾ لاٿ جي صورت ۾ 15 آگسٽ کي پاڪستاني قوم کي تيل جي اگهن ۾ لاٿ جي خوشخبري ڏيڻ جي پوزيش۾ هوندو.

پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي ذريعن موجب 48 ڪلاڪن ۾ حڪومت پيٽروليم اگهن تي هفتيوار نظرثاني جو فيصلو ڪندي، يورپ ۾ هر ڪلاڪ پيٽرول ڊيزل جا اگهه بدلجدا رهندا آهن، پاڪستاني عوام کي فوري رليف ملي سگهندو.

روسي تيل 91 ڊالر في بيرل وڪرو ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، هلندڙ هفتي ڪچي تيل جي عالمي قيمتون مسلسل گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويون جيڪي 104 ڊالر في بيرل مان گهٽجي 88 ڊالر ۽ 91 ڊالر في بيرل تائين اچي ويون آهن.

سعودي عرب، ڪويت، قطر، گڏيل عرب رياستن، ايران، ملائيشيا، انڊونيشيا، آفريڪا جي ويهه کان وڌيڪ ملڪن تي ٻڌل اوپيڪ جي قيمت 104 مان گهٽجي 91 ڊالر بي في بيرل تائين  ٿي وئي آهي.

آمريڪي ڊالر جو اگهه جيڪو 248 کان 252 رُپين تائين پهچي وئي هئي.پر رپئي جي قد مستحڪم ٿيڻ بعد ۽ تيل  جا عالمي اگهه گهٽجڻ جو هاڪاري اثر پاڪستان ۾ پيٽرول، ڊيزل، گاسليٽ، فرنس آئل جي اگهن تي پوندو.

پاڪستان حڪومت آگسٽ جي وچ  ڌاران  پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ آڻڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.