بجلي بلن تي ٽيڪس جو فيصلو واپس ناهي ورتو: ناڻي واري وزارت

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته بجلي جي بلن تي ٽيڪس جو فيصلو واپس وٺڻ جي خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي. خميس ڏينهن هتي جاري وضاحتي بيان ۾ ترجمان چيو ته ڪجهه ميڊيا  چينلز طران جاري ڪيل خبرن ۾ ته حڪومت بجلي جي بلن تي ٽيڪس جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي، ان ۾ ڪا به صداقت ناهي ۽ نه ئي حڪومت طرفان اهڙو ڪو فيصلو ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته واپارين ۽ واپاري برادري کان بجلي جي بلن تي ٽيڪس جي حوالي سان ڳالهيون جاري آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.