ڪوٽڙي ۾ ڊي سي آفيس ٻاهران ڌماڪو، کنڀيل نوجوان جو چچريل لاش مليو، اي ايس آءِ پيءُ گرفتار

ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو) ڪوٽڙي ۾ رات جي اونداهي ۾ پنهنجي گهران کنڀيل پوليس اي ايس آئي جو نوجوان پٽ جو ڊي سي آفيس ڄامشورو ويجهو زوردار ڪريڪر ڌماڪي بعد ديوين مان چچريل لاش هٿ ، ڌماڪي جي اطلاع تي حساس اداري عملدار، پوليس اهلڪار پهچي ويا، بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي پڻ گهرايو ويو، جن ڌماڪي کانپوءِ ڌماڪي جون شاهديون ۽ نوجوان جو لاش هٿ ڪيو ويو. واقعي کانپوءِ نوجوان جي والد کي حراست ۾ ورتو ويو آهي سرڪار پاران ڪوٽڙي ٿاڻي تي فوت ٿيندڙ مٿان ڪيس داخل تفصيل موجب رات دير سان ڪوٽڙي جي ڊي سي آفيس ڀرسان ڌماڪي جي نتيجي ۾ نوجوان مارجي ويو آهي جنهن جي سڃاڻپ سندس ڪپڙن مان جاءِ واردات تان مليل سندس شناختي ڪارڊ ذريعي دادو واسي الله بخش کوکر نالي سان ٿي آهي. بم ڌماڪي ۾ مارجي ويل نوجوان جو لاش روڊ کان 20 فوٽ پري جهنگ مان مليو، ڌماڪو بہ ان ئي هنڌ ٻڌايو پيو وڃي جڳھ جتي ڌماڪي جو سبب بڻيو. واقعي بابت بم ڊسپوزل اسڪواڊ انچارج محمد رمضان ٻڌايو ته ڌماڪو اليڪٽرونڪ ڊيوائس ذريعي ٿيو آهي، جيڪو لڳي ٿو ته مقتول پاڻ کڻي رهيو هو، بم ڌماڪي سان ڦاٽي  پيو، جنهن ۾ هو پڻ مارجي ويو آهي، امڪان ظاهر ڪيو پيو ته هي بم ڪٿي عوامي هنڌ تي ٿئي ها ته وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ھا. بم ڊسپوزل اسڪواڊ انچارج محمد رمضان موجب ڌماڪو اليڪٽرونڪ ڊوائيس جو ٿيو آهي لڳي ٿو تہ فوتي کڻي وڃڻ وقت ايڪٽو ٿيڻ ڪري مري ويو هجي معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، حقيقتون سامهون اينديون. وقت کان اڳ ڪجهه نٿا ٻڌائي سگهون، ٻئي طرف بم ڌماڪي بابت متضاد اطلاع آهن ته مارجي ويل ڪجهه ڏينهن کان لاپتا هو ۽ هو پابندي مڙهيل قومپرست پارٽي جو ڪارڪن پڻ هو، ان حوالي سان ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ سان رابطو ڪيو ويو. هن چيو ته اي ايس آءِ الله بخش  کوکر کي رڳو معطل ڪيو ويو هو، ٻئي طرف اهو به معلوم ٿيو آهي ته نوجوان جي والد مولا بخش کوکر کي پڇا ڳاڇا لاءِ حراست ۾ ورتو ويو آهي جڏهن ته اها به ڄاڻ ملي آهي ته نوجوان الله بخش جو والد اي ايس آءِ مولا بخش کوکر ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي تي ڊيوٽي تي آهي، پاڻ ڊي سي آفيس ويجهو رهائش پذير هو ڪجهه ڏينهن جي طبي موڪل تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ دادو ويو هو. هوڏانهن سوشل ميڊيا تي خبرون آهن ته نوجوان کي رات جو دير سان نامعلوم ماڻهو گهران کنڀي کڻي ويا هئا. صبح جو ان جو لاش مليو آهي. ٻئي طرف سرڪار پاران اي ايس آءِ اياز علي ابڙو جي فرياد تي فوتي مٿان قلم  act explosive 1903 Ata 6/7  1997, 109 ppc تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فوتي جو تعلق قومپرست جماعت پابندي مڙهيل تنظيم سان هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.