سنڌ ۾ اڄ کان برسات، 10 آگسٽ کان وري نئون سسٽم

ڪراچي ( رپورٽر ) موسميات کاتي سنڌ ۾ سڀاڻي کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي. چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز ٻڌايو ته آگسٽ ۾ پڻ معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي ۽ چوماسي جو نئون سسٽم اڄ کان سنڌ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو جنهن تحت ٺٽي، بدين، سجاول، عمر ڪوٽ ۽ ٿرپاڪر ۾ تيز برسات جو امڪان آهي. هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 6 کان 9 آگسٽ جي وچ ۾ تيز برسات جو امڪان آهي. سردار سرفراز موجب چوماسي جو  هڪ ٻيو سسٽم 10 آگسٽ کان سنڌ تي اثرنداز ٿيندو چيف ميٽرولوجسٽ چيو ته چوماسي جو هي سسٽم 15 آگسٽ تائين جاري رهي سگهي ٿو . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.