وڏي وزير سان ايم ڪيو ايم وفد جي ملاقات،شهري علائقن تي ڳالهيون

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان خواجا اظهار جي اڳواڻي ۾ ايم ڪيو ايم جي 17 رڪني وفد وزيراعليٰ هائوس ۾  ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تازين برساتن سبب تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي مرمت ۽ بحالي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد جي ٻين ميمبرن ۾ جاويد حنيف، محمد حسين، حامد الظفر، راشد خلجي، عديل شهزاد ۽ ٻيا شامل هئا. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، ناصر شاهه، سعيد غني، مرتضيٰ وهاب ۽ وقار مهدي پڻ شرڪت ڪئي. خواجا اظهار وڏي وزير کي ٻڌايو ته تيز برساتن سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد جو انفراسٽرڪچر گهڻو متاثر ٿيو آهي، روڊن ۾ کڏا پئجي ويا آهن ۽ نيڪال جي لائينن کي سخت نقصان پهتو آهي. وڏي وزير ايم ڪيو ايم جي وفد کي ٻڌايو ته سندس حڪومت شهر جي روڊن ۽ نيڪال سسٽم جي مرمت ۽ بحالي لاءِ 5 ارب رپيا اڳواٽ ئي مختص ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪابينا شهر ۾ تازو شروع ڪيل ستين پيپلز بس سروس جي روٽ سان گڏ خراب ٿيل روڊ ۽ نيڪال لائينن جي مرمت لاءِ وڌيڪ 1.5 ارب رپين جي منظوري ڏني. مراد علي شاهه چيو ته اسيمبلي حيدرآباد جي روڊن جي مرمت لاءِ الڳ بجيٽ پڻ منظور ڪيو آهي. هن دوري تي آيل وفد کي يقين ڏياريو ته ٻنهي شهرن ۾ جلد مرمت ۽ سار سنڀال جو ڪم شروع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.