ٻوڏ سبب تباهي آئي، ڪنهن کي خيال نه آيو: شيري رحمان

اسلام آباد(م ڊ)  موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي، ته عمران خان قوم سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ ان جي ڳالهايل ڪوڙن جو پردو فاش ٿي چڪو آهي. انتشار ۽ ڏڦيڙ جو مقصد اين آر او آهي جيڪو نه ملندو. سموريون حقيقتون عوام آڏو کلي چڪيون آهن. انصاف ٿيندي نظر اچڻ گهرجي، پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيري رحمان چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس جون سموريون حقيقتون عوام آڏو اچي چڪيون آهن. هن چيو ته عمران خان بار بار قوم سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ هاڻ جڏهن ان کان سوال پڇيو وڃي ٿو ته هو ڀڃ ڊاهه جي سياست تي لهي آيو آهي، وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سبب تباهي ٿي آهي، سوين ماڻهو موت جو شڪار ٿي چڪا آهن، سانوڻي جي نئين لهر پڻ اچي رهي آهي، پر هن ملڪ ۽ قوم جي ڪنهن کي مشڪل ۽ پريشاني جو خيال نه آيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.