سپريم ڪورٽ پاران ٽن مهينن ۾ سرڪاري زمينن، فلاحي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس محمد علي مظهر تي ٻڌل بينچ سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تي قبضا ختم ڪرڻ ۽ روينيو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزيشن بابت  پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ ٻيا سرڪاري وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت جي سستي تي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو کي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو سلسلو اڃا جاري آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته قبضا اڃا تائين ڇو نه ختم ٿيا؟ ڪيتري وقت تائين سرڪاري زمينون هٿ ڪيون وينديون؟ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته عمل ۾ سستي ناهي ڪئي پر مڪمل قبضا ختم ڪرائڻ وقت جي ضرورت آهي، عدالت ٽن مهينن ۾ سرڪاري زمينن، فلاحي پلاٽن تي قبضا ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته 3 مهينن بعد جامع تحريري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. عدالت ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ آبپاشي، ٻيلي ۽ صحت کاتي جي زمينن تي قبضو ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ فلاحي پلاٽن کي ڪئنالائيز ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.