اليڪشن ڪميشن عوام ڪنٽرول ڪرڻ جو ذريعو، اي وي ايم سان ڳجهن هٿن جي گيم ختم ٿي ويندي

اسلام آباد( م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اليڪشن ڪميشن کي عوام کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ذريعو سڏيندي چيو آهي ته اي وي ايم سان ڳجهن هٿن جي گيم ختم ٿي ويندي. پاڪستان  تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 2012ع ۾ پرڏيهي ڪمپنين کان پئسو وٺڻ غير قانوني نه هو، ڇا مونکي خواب اچي ها ته ڇهن سالن بعد عارف نقوي تي الزام لڳندو. پي ٽي آءِ جي احتجاج کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته  حڪمرانن سان عوام گڏ ناهي، ان ڪري هو عوام کي اليڪشن ڪميشن ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ گهرن ٿا. هن چيو ته ووٽن ڪلب کان پئسو 2012ع ۾ آيو، ان جي مالڪ عارف نقوي تي فراڊ جو الزام 2018ع تي لڳو.  هن چيو ته فنانشل ٽائمز جي آرٽيڪل ۾ نواز شريف ۽ شهباز کي 50 ملين ڊالر ڏيڻ جو به ذڪر آهي، 2012ع تائين پئسا اچي سگهن پيا. 2017ع ۾ قانون آيو ته پرڏيهي ڪمپنين کان پئسا نه ٿا وٺي سگهجن. هن چيو ته انهن منهنجي نااهلي جو مطالبو ڪيو آهي، حلف نامي ۽ سرٽيفڪيٽ ۾ فرق هوندو آهي، حلف نامو ته شهباز شريف ڏنو هو ته نواز شريف وطن واپس اچي سگهي ٿو.  هن چيو ته ذاتي مفاد لاءِ پرڏيهي آقائن جي چوڻ تي هي سمورو ڊرامو اسان کي غلام رکڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي.عمران خان وڌيڪ چيو ته پئسن کان سواءِ ڪيئن پارٽي هلندي. نواز شريف ۽ ٻين وٽ ته وڏو پئسو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي سياست مهانگي ٿيندي پئي وڃي، وچين طبقي جون پارٽيون پئسو نه هجڻ سبب سياست کان ٻاهر ٿي ويون. پي ٽي آءِ به 14 سالن تائين ائين هلي، اسان کي سڀ کان وڌيڪ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پئسا ڏنا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪڏهن ٻين پارٽين کان فنڊن بابت پڇيو آهي ته ڪيئن پئسا جمع ٿيا. عمران خان چيو ته هي جيڪڏهن فارن فنڊنگ آهي ته پرڏيهي ناڻو به فارن فنڊنگ آهي، جنهن سان ملڪ هلي پيو. عمران خان چيو ته ٻن سالن تائين اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين نظام آڻڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن سان ڳجها هٿ نتيجا ڪنٽرول نه ڪري سگهندا. ٻنهي وڏين پارٽين اليڪشن ڪميشن سان گڏجي ڪوشش ڪئي ته اي وي ايم نه اچي. هن چيو ته ملڪ جي جمهوريت کي ڪنٽرول ڪرڻ جو وڏو طريقو اليڪشن ڪميشن آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.