عمران جي نااهلي لاءِ ريفرنس داخل، سپريم ڪورٽ ۾ ڊڪليئريشن موڪلڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) حڪمران اتحاد پي ڊي ايم پابندي پيل فنڊنگ وٺڻ تي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي نااهل ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو، ايم اين اي محسن نواز رانجها نااهلي جو ريفرنس چيف اليڪشن ڪمشنر وٽ جمع ڪرايو، جنهن تي آغا حسن بلوچ، صلاح الدين ايوبي، علي گوهر خان، سيد رفيع الله آغا ۽ سعد وسيم جي صحيح ٿيل هئي،

اسلام آباد (بيورو+م ڊ) وفاقي ڪابينا فارن فنڊنگ جي معاملي تي تحريڪ انصاف جي قيادت خلاف پوليٽيڪل آرڊر 2002 تحت ڪارروائي ڪرڻ ۽ ڊڪليئريشن سپريم ڪورٽ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ اڳتي جي حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي.ذريعن موجب اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا عمران خان ۽ ٻي قيادت جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري نه ڏني.ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون واري وزير ۽ حڪومتي قانوني ٽيم ڪابينا کي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي بريفنگ ڏني.ذريعن موجب ان دوران وزيراعظم جي هدايت تي قانون واري سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کانسواءِ سڀني بيورو ڪريٽس کي اجلاس کان ٻاهر موڪليو ويو، وزيراعظم چيو ته اتحادي حڪومت فارين فنڊنگ ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائيندي،فيصلو روڪرائڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 9 پٽيشنون داخل ڪيون ويون، فارين فنڊنگ ڪيس عمران نيازي کي بي نقاب ڪيو، .اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ڪابينا فنڊنگ جي معاملي تي پي ٽي آءِ قيادت خلاف پوليٽيڪل پارٽي آرڊر 2002 تحت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، جلد ڊڪليئريشن تيار ڪري سپريم ڪورٽ موڪلي ويندي، هن چيو ته فارين فنڊنگ ڪيس جي جاچ ايف آءِ اي ڪندي، 8 سال گذرڻ باوجود تحريڪ انصاف جواب نه ڏنو، اليڪشن ڪميشن ۾ اسٽيٽ بئنڪ رڪارڊ پيش ڪيو، هن چيو ته قانون واري وزارت کي ڊڪليريشن ڏسڻ لاءِ 3 ڏينهن ڏنا ويا آهن، ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ ڊڪليريشن سپريم ڪورٽ موڪلڻ لاءِ ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو، فارين فنڊنگ ڪيس سان حڪومت جو ڪو به تعلق ناهي، اڪبر ايس بابر پٽيشن کڻي ويو هو، هن چيو ته بني گالا جي غيرقانوني گهر ۾ قيد عالمي مني لانڊرر جو مقدر هاڻي ٻه جهنڊا لڳائي تقرير ڪرڻ رهجي ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.