هي ڪهڙي آزادي آهي؟ اڄ به آءِ ايم ايف جا غلام آهيون: وزيراعظم

ڊيره اسماعيل خان(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن سڀني سياسي ۽ مارشل لا حڪومتن دل جي درد کان ڪم ورتو هُجي ها ته اهي حالتون نه هجن ها، جن ملڪن کي اسان گهٽ نظر سان ڏسندا هُئاسين اهي اسان  کان اڳتي نڪري ويا، وسيلن سان مالامال هجڻ باوجود اڄ اسان آءِ ايم ايف جا غلام آهيون، اها ڪهڙي آزادي آهي، اسان سڀني کي پنهنجي گريبانن ۾ ڏسڻو پوندو ته اسان پاڪستان کي ڇا ڏنو، برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر  آخري ماڻهو جي پنهنجي گهر ۾ آباد ٿيڻ تائين سک سان نه ويهنداسين، اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم ڪلهه خميس ڏينهن ڊيره اسماعيل خان جي تعلقي درياءَ خان جي يونين ڪائونسل ون ڪورائي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري جي موقعي تي چئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.