مدينو منوره( م ڊ) مديني جي عدالت مسجد نبوي جي بي حرمتي ڪيس ۾ 6 پاڪستانين کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. ٽن پاڪستانين کي 10 ، 10 سال ۽ ٽن کي 8، 8 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. 10 سال سزا کائيندڙن ۾ انس، ارشاد، محمد سليم شامل آهن، جڏهن ته 8 سال سزا کائيندڙن ۾ خواجا لقمان، محمد افضل ۽ غلام محمد شامل آهن. عدالت 20 20 هزار ريال ڏنڊ به وڌو ويو آهي. انهن مسجد نبوي ۾ وزيراعظم جي دوري دوران پاڪستاني سرڪاري وفد سان مسجد نبوي وٽ بدتميزي ڪندي مسجد نبوي جي به بي حرمتي ڪئي. 03