اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ايمن الظواهري لاءِ ڪيل ڪارروائي ۾ پاڪستاني هوائي حدن جي استعمال بابت خبرن جي ترديد ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو ته آمريڪي سفير طرفان پاڪ افغان بارڊر جي دوري جي تفصيل ناهن. القاعدا سربراهه جي مارجڻ واري سوال تي ترجمان چيو ته ايمن الظواهري بابت ڪارروائي ۾ پاڪستاني هوائي حدن جي استعمال جو ڪو به جوڳو ثبوت ناهي مليو. ڪشمير مسئلي بابت ترجمان جو چوڻ هو ته پنج آگسٽ تي ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ کنيل غيرقانوني قدم کي ٽي سال مڪمل ٿيندا، ڀارت لاڳاتار گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن سميت انساني حقن جي قانونن جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي، والاريل ڄمون ڪشمير ۾ 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوج قابض آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان چين جي علائقائي حدن جو احترام ڪري ٿو. 03