ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ترجمان زهره بلوچ تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته اسان کي ان واقعي تي ڳڻتي آهي، ان واقعي جي غيرجانبدار جاچ جو مطالبو ڪريون ٿا، سياسي حوالي سان متاثر خاندان جي عورت کي ان طرح سان ڏينهن ڏٺي جو نشانو بڻائڻ بلوچستان جي سماجي ۽ سياسي روايتن جي ابتڙ عمل آهي، جنهن جا سنگين نتيجا به نڪري سگهن ٿا.