آصف زرداري صحتياب، ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري

ڪراچي (رپورٽر ) ڪجهه ڏينهن اڳ ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيل پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي تازي ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو ناڪاري اچي ويو.اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي ويو، سندس ڌيءَ بختاور ڀٽو زرداري ٽوئيٽر تي تصديق ڪئي ته آصف زرداري جي ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو ناڪاري اچي ويو آهي. سندس موجب هن 10 ڏينهن جي قرنطينه مڪمل ڪري ورتي، گڏوگڏ بختاور ڀٽو زرداري دعائون ڪندڙن جا ٿورا پڻ مڃيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.